خير محمد لغاري

خير محمد لغاري

خير محمد لغاري

خير محمد لغاري: ليکڪ ۽ محقق خير محمد لغاري، 1 آگسٽ 1960ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ولي محمد خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، جڏهن ته مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اِي (B.E) مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. خير محمد لغاري پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪراچي شپ يارڊ ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان کان پوءِ اريگيشن کاتي سکر ۾ سرويئر طور ڪم ڪيائين پر جيئن ته بنيادي طور سندس تعلق هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي ۽ ننڍپڻ کان وٺي سندس لاڙو ادب ۽ لکڻ پڙهڻ طرف هو، تنهنڪري مٿي ڄاڻايل نوڪرين تان پاڻمرادو استعيفا ڏئي، 1992ع ۾ پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري شوق جي تڪميل خاطر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. شروع ۾ کيس 12 اسڪيل ۾ انچارج سائنس سيڪشن طور مقرر ڪيو ويو هو، جتان مختلف وقتن تي ترقيون ماڻڻ کانپوءِ هن وقت ڊائريڪٽر ريسرچ جي عهدي تي فائز آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ نوڪريءَ دوران هن سنڌيءَ ۾ سائنسي مواد جي کوٽ کي محسوس ڪندي سائنسي موضوعن تي ٻارڙن لاءِ مختلف ڪتاب به تيار ڪيا آهن، جن مان ڪيترا ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڪم شيخ محمد اسماعيل کان پوءِ سندس نگرانيءَ ۾ شروع ڪرايو ويو.
سـندس ڇپـيـل ڪـتـابـن ۾: (1) مـوٽــر گاڏي ۽ ان جـا پرزا (1993ع)، (2) بنيادي ايجادون (1999ع)، (3) جانورن جو بادشاهه (2008ع)، (4) دنيا جا عجوبا (2009ع) ۽ (5) ٻليءَ جي نسل جا جانور (2010ع) شامل آهن.
هن وقت سنڌ جي ثقافتي انسائيڪلوپيڊيا ۽ سنڌ جي جاگرافيائي لغت تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ خير محمد لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.01  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق خير محمد لغاري، 1 آگسٽ 1960ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ولي محمد خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمعو فقير جوڙ
خاناڻي نصير خان
عبدالسلام ڊاڪٽر
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
آخوند الهه بچايو
ڄام صديق ابڙو
سهائي ابڙو
جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ
خان صاحب ڊاڪٽر
ايڇ ڊبليو پريڊي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون